اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم من????بن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي لاءِ نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، من??وبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، من??وبابندي ڪميشن جي دپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ 168 من????بن تي عملدرآمد جي لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن من????بن ۾ 29 ارب رپيا ماليت جا 128 جاري من??وبا جڏهن ته 12 ارب رپيا ماليت جا 40 نوان من??وبا شامل آهن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم من????بن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد سان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ص??بن ۾ وفاقي حڪومت جي معاونت سان هلندڙ مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ حڪومتي پاليسين کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم فني ۽ پيشيواراڻي تعليمي نظام جي فروغ جي ضرورت ت?? پڻ زور ڏنو ته جيئن نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب علم ۽ هنر سان ليس ڪري موجود موقعن ??ان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل