لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي 64 سا??ا تا??يخ ۾ رڳو 64 ڪروڙ وڻ لڳ??يا ويا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا، لاهور جو مياواڪي ٻيلو دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيلو هوندو، سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي به ماحولياتي آلودگي درپيش آهي، ايند?? نسلن کي صاف سٿرو ماحول ڏيڻ جي لاءِ اسان کي وڻ لڳائڻا پوندا. هو ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن تحت سگيان لاهور ۾ مياواڪي ٻيلي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي وارو صلاحڪار ملڪ امين اسلم، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل، ٻيلن وارو صوبائي وزير سبطين خان، پي ايڇ اي ۽ ماحوليات کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته مياواڪي ٻيلن سا?? ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿيندي، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان اسان جي منزل آهي. هن چيو ته ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري زمين جو گرمي پد وڌي ويو آهي. هن چيو ته مياواڪي ٻيلا لڳائڻ تي انتظاميا ۽ خاص طور تي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي 64 سا??ا تا??يخ ۾ 64 ڪروڙ وڻ لڳ??يا ويا جڏهن ته 2013ع کان 2018ع تائين رڳو خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳ??يا جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي تي تيزي سا?? ڪم جاري آهي. هن چيو ته لاهور ڪڏهن باغن جو شهر هوندو هو، اسان ايند?? نسلن جي لاءِ بهتر ملڪ ڇڏي وينداسين. وزيراعظم نوجوانن ۽ شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي حصي جو هڪ هڪ ٻوٽو لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن ته جيئن اسان ايند?? نسلن کي بهتر ۽ صاف ماحول ڏئي سگهون. ان موقعي تي وزيراعظم کي مياواڪي اربن فا??يس?? تي بريفنگ ڏني وئي. برينگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ اهڙا 53 فا??يس?? قائم ڪيا پيا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سا?? لڳائي ويندڙ ان ٻيلي ۾ مجموعي طور تي 165000 ٻوٽا لڳ??يا پيا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ تيزي سا?? وڌن ٿا. بعد ۾ وزيراعظم عمران خان ٻوٽو لڳائي مياواڪي اربن فا??يس?? جو افتتاح ڪيو.
تحريڪ انصاف جي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت