اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) بل??چس??ان ۾ وفاقي ادارن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بل??چس??ان ۾ 17 وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي ڊيش بورڊز جو جائزو ??رتو ويو، صوبي ۾ وفاقي ادارن کي 11000 کان وڌيڪ ش??ايتون مليو??، 90 سيڪڙو حل، عوام پاران 37 سيڪڙو اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، بل??چس??ان ۾ سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جي حل ۽ وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. بل??چس??ان جي گورنر وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ موڪلي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، بل??چس??ان جي گورنر جي شڪايت تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم ڊيليوري يونٽ ل??ڳا??يل اعليٰ آفيسرن کي خط جاري ڪيو آهي. صوبي ۾ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.
بلوچستان ۾ وفاقي ادارن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ وزيراعظم کي پيش
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ