اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه راوي سٽي منصوبو لاهور شهر جي رهائشي ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نهايت اهم منصوبو آهي، ان سان معاشي سرگرمين جي باري ۾ بي شمار موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام ۽ راوي سٽي منصوبي جي حوالي سان هفتيوار اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو. وزيراع??م کي والٽن لاهور جي قائم ٿيندڙ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڳتيل آبادي کي نظر ۾ رکندي لاهور والٽن ۾ تربيتي اڏامن جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ايئرپورٽ هوائي اڏامن جي لاءِ غير محفوظ بڻجي چڪو آهي، انهن خطرن جي مستقل ازالي ۽ آبادي جي تحفظ لاءِ تربيتي اڏامن جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ان ايئرپورٽ کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ آبادي جي ڪري ان ايئرپورٽ تي ٻه ٽي حادثا ٿي چڪا آهن تنهن هوندي به ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. وزيراع??م کي ٻڌايو ويو ته س??نٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام کا??پو??ِ اربين روپين جي ماليت جي ان زمين کي ڀرپور معاشي سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪري سگهبو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام ۽ راوي سٽي منصوبي جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج