اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي دعائن ??ان اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشمير مان ظلم ختم ٿيندو، ڏاڍ ۽ طاقت جي ڀارتي حربا مليا ميٽ ٿيندا ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو، ڪشميري ع??ام خاص طور تي عورتون پنهنجي عزم، صبر ۽ رت ??ان ڪشمير جو داستان لکي رهيون آهن، اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ميڊيا جي مختلف شعبن ??ان لاڳاپيل عورتون اڄ پس منظر جي ڪردار مان نڪري رستن تي اچي ڪشميري عورتن کي پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائڻ لاءِ گڏ آهن جنهن جي چهرن تي ڪشمير ??ان رشتي جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي ۽ ظلم آخري هڏڪيون وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان به پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جو آواز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن ڀارتي والاريل ڪشمير جي ع??ام ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ميڊيا ??ان لاڳاپيل عورت ڪارڪنن ۽ آفيسرن جي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.
سڀني جي دعائن سان ڪشمير مان ظلم جلد ختم ٿيندو: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena