لاهور – 11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 11 ۽ 12 ربيع الاول تي وفاقي گادي واري شهر ۾ سيرت النبي صه ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ امام ڪعبه، گڏيل عرب ??ما??ات جي مفتي اعظم، مير و??عظ عمر فاروق، الازهر يونيورسٽي جي مفتين سميت آمريڪا ۽ برطانيا سميت سڄي دنيا جا مفتي ۽ ديني عالم شرڪت ڪري پنهنجا مقالا پيش ڪندا. ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم عمران خان ڪندو. ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب جو خصوصي مهمان صدر هوندو. وزير چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جو طاقتور طبقو احتساب جي چنبي ۾ نٿو اچڻ چاهي، هن ڀيري ريا??ت جو بيانيو تبديل ٿيو آهي ۽ آئين ۽ قانون جي حڪمراني سميت فڪري سوچ پاڪستان دشمن قوتن جي خلاف بيٺل هجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو ڪالهه آچر ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت