اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري صحافي روزاني بزنس رڪارڊر جي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد ??بيري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ارشد ??بيري ج?? لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ارشد ??بيري ج??ش ۽ جذبي سان اخباري صنعت جي خدمت ڪئي، ارشد ??بيري انتهائي باصلاحيت ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن معاشي صحافت ۾ نوان معيار قائم ڪيا. هن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. مرحوم جي خدمتن کي سدائين ي??د رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ارشد ??بيري جي مغفرت فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران ناليواري صحافي ارشد زبيري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ