اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ”اُڏار پاڪستان“ کي قومي ترقي جو هڪ ٺوس ۽ متوازن پروگرام قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ??يل هدف پورا ٿيندا، پاڪستان بي پناهه وسيلن سان مالامال باصلاحيت ملڪ آهي، متحد ٿي اڳت?? وڌڻ جي ??رورت آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان عالمي معيشتن جي ??ف ۾ بيهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي پلان ”اُڏار پاڪستان“ جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت ٿري ايز جو پروگرام ڏنو ۽ ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو، 2022ع ۾ شهباز شريف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم جي ??ڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ هاڻي قومي اقتصادي پلان ”اُڏار پاڪستان“ تي پڻ وزيراعظم جي قيادت ۾ ڪاميابيون ملنديون ۽ ملڪ عالمي معيشتن جي ??ف ۾ بيهندو. هن چيو ته هڪ ٺوس ۽ متواز?? ايڪشن پلان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ان کانپوءِ تفصيلي وضاحت سان منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ 5 سالن واري قومي اقتصادي پلان تي عملدر??مد جو منصوبو آهي جنهن کي صوبن ۽ وفاقي حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??ربراهي ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ منظور ڪيو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار 18 – 2013ع ۽ 22 – 2018ع جي ??ورن جو ذڪر ڪندي چيو ته 2013ع ۾ جنهن ملڪ کي عالمي سطح تي ميڪرو اڪنامڪ بنياد تي غيرمستحڪم ڪيو پئي ويو ۽ اها اڳڪٿي هئي ته پاڪستان 6 کان 7 مهينن ۾ ڪنگال ٿي ويندو پر اهي اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون ۽ پنهنجي ??لاحيتن سان ملڪ اڳت?? وڌيو. هن چيو ته اڄ ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي عوام موقعو ڏنو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اسان فائيو ايز پروگرام پيش ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت ٿري ايز انرجي ??حران، اڪانومي بدحالي ۽ ايڪسٽريم ازم جهڙن بحرانن کي منهن ڏنو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ ڪاميابي سان سرخرُو ٿياسين، ان وقت به اڳڪٿي هئي ته 10 کان 12 سال پاڪستان ان صورتحال مان نه نڪرندو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ٽنهي ايز جا هدف مڪمل ڪيا ۽ عوام کي ڊيليور ڪيو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته معيشت جا سمورا اشارا سرپلس تي آهن، اڄ اسان 6 سيڪڙو جو ٻيهر هدف وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ??ري رهيا آهيون، پاڪستان جي ناڻي واڌ جي ??رح 4 سيڪڙو تي، فوڊ انفليشن 2 سيڪڙو ۽ دنيا جي پنجين بهترين ۽ ڏکڻ ايشيا جي ??هترين اسٽاڪ مارڪيٽ آهي، فار?? ايڪسچينج جا ذخيرا بلند سطح تي آهن ۽ ملڪ مستحڪم معيشت سان اڳت?? وڌي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2017ع جي واڌاري جو تسلسل برقرار نه رکيو ويو جنهن ۾ اسان کي 2030ع ۾ جي 20 ڪلب ۾ شامل ٿيڻو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سا?? ايندڙ 4 سالن ۾ اسان جي معيشت 47هين گلوبل معيشت بڻجي وئي ۽ پي ڊي ايم جي ??ڪومت جڏهن ذميواري سنڀالي ته ان وقت سڀ کان وڏو معاشي بحران درپيش هو ۽ چيو پئي ويو ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي ويندو پر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم حڪومت ان چئلينج جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته پاڪستان وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي پر سياسي استحڪام جي ??ريعي معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي جيڪڏهن اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي سياسي استحڪام آڻڻو پوندو. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان اهي هدف به حاصل ڪندو جيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ??يا ويا آهن. هن چيو ته 17 – 2013ع ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪيو، جيڪڏهن تسلسل برقرار رکيو وڃي ها ته آءِ ايم ايف جي ??يرباد چئي چڪا هجون ها. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جيڪو هي سفر شروع ٿيو آهي اهو مڪمل ٿيندو ۽ پاڪستان کي تمام جلد اسان انهن قومن جي ??ف ۾ ڏسنداسين جتي ان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ جو 5 سالن جو قومي اقتصادي پلان حاصل ڪنداسين.
اُڏار پاڪستان قومي ترقي جو هڪ ٺوس ۽ متوازن پروگرام آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ مقرر ڪيل هدف پورا ٿيندا: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania