ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اپيل تي سنڌ هاءِ ڪ??رٽ جي ٻن اهم فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو. سنڌ انفارميشن کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ناڪام اميدوارن جا زباني انٽرويو وٺڻ ب??بت سنڌ هاءِ ڪ??رٽ جي حڪم خلاف اپيل داخل ڪئي وئي ھئي جنهن تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي وڪيل حافظ احسان کوک?? ٻڌايو ته 2021ع ۾ ڪميشن پاران گڏيل مقابلي واري امتحان ۾ 22,877 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان 186 اميدوار لکت واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيا. انهن اميدوارن جا زباني امتحان ورتا ويا، پر سنڌ هاءِ ڪ??رٽ ڪجهه ناڪام اميدوارن جي درخواستن تي 11 ناڪام اميدوارن کان به زباني امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو. هن دليل ڏنو ته قانون موجب ڪنهن به اميدوار جا نمبر لکت امتحان کانپوءِ وڌائي نه ٿا سگهجن، ۽ جيڪڏهن هر ناڪام اميدوار کي زباني انٽرويو لاءِ موقعو ڏ??و ويندو ته ڪميشن جي ميرٽ ۽ شفافيت تي سوال اٿندا. حافظ احسان کوکر وڌيڪ دليل ڏنو ته عدالت پاران اختيارن جو غير ضروري استعمال ڪيو ويو آهي جنهن سان نه رڳو ڪميشن جي سا?? متاثر ٿي رهي آهي پر ڪامياب اميدوارن جو مستقبل به خطري ۾ پئجي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪ??رٽ جو فيصلو برقرار رهيو ته ڪميشن جو سمورو نظام ابتري جو شڪار ٿي ويندو. جنهن تي سپريم ڪورٽ دليلن جي بنياد تي سنڌ ھاءِ ڪ??رٽ جي ٻنهي فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اپيل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ٻه اهم فيصلا معطل
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری