??رس??ز – 28 – نومبر (اي پي پي) پر??يهي سيڪريٽري آمنه بلوچ بيلجيئم جي شهر ??رس??ز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي ??تح??د“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پر??يهي آفيس پاران جاري بيان موجب عالمي ??تح??د جو پهريون اجلاس گذريل سال سعودي عرب جي شهر رياض ۾ منعقد ٿيو هو. عالمي ??تح??د جي شروعات گذريل سال رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسرائيلي قبضي جو خاتمو ۽ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. پر??يهي سيڪريٽري فورم کي خطاب ڪندي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع موقف، فلسطين جي هڪ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن ت?? ٻڌل هجي ۽ الق??س الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي ۽ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ سان گڏوگڏ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پر??يهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جي برسلز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان