اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪن??ي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لا??ِ شجاعت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن ??ي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حملي آورن جي خلاف بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاباس ڏيان ٿو. وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪن??ي چيو ته قوم جا بهادر فرزند دهشتگردن جي خلاف پنهنجي جان جا قيمتي نذرانا ڏئي ملڪ جو تحفظ ڪر?? رهيا آهن. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جنهن بهادري ۽ وقت سر ڪارروائي سان حملو ناڪام بڻايو ۽ حملي آورن کي جهنم واصل ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي، گوادر بلوچستان جي امن کي نشانو بڻائيندڙ پاڪستان ۽ ان جي عوام جي معاشي ترقي ۽ مهانگائي مان ڇوٽڪاري جي عمل کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ عوام جي حمايت سان پاڪستان جي خلاف سمورين اندروني ۽ ٻاهرئين سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لا??ِ شجاعت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن ??ي سلام پيش ڪريون ٿا، قوم دهشتگردي جي خاتمي لا??ِ پنهنجي هٿياربند فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لا??ِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی