اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب پاران ايڇ اي سي کي ڊگري جي تصديق جي حڪمن کي برقرار رکندي شاگردياڻي جي ڊگري جي تصديق کان انڪار تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. صدر هدايت ڪئي ته 7 ڏينهن جي اندر شاگردياڻي جو وقت ضايع ڪرڻ جي ذميوارن جي خلاف انڪوائري شروع ڪئي وڃي. سويرا آفريدي (شڪايت ڪندڙ) پنهنجي بي اي ۽ ڊي ايم سي جي ڊگري جي تصديق جي ??اءِ ايڇ اي سي کي درخواست ڏني هئي پر کيس ٻڌايو ويو ته جيئن ته سندس ڊگري جو سيشن 2020ع هو، ان لاءِ ان جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته ايڇ اي سي ٻه سالا روايتي طريقيڪار کي مرحليوار ختم ڪري ??ڏي?? هو. تعليمي سال 2019ع کانپوءِ شاگردن کي روايتي بي اي ۽ بي ايس جي داخلا ڏيڻ جي اجازت نه هئي. جنهن تي شڪايت ڪ??دڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ ايڇ اي سي وفاقي محتسب ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. بعد ۾ ايڇ اي سي صدر وٽ محتسب جي حڪمن جي خلاف درخواست ڏني. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ ايڇ اي سي جي ??مائندگي کي رد ڪري ??ڏي??. هن مشاهدو ڪيو ته شڪايت ڪ??دڙ کي پشاور يونيورسٽي سيشن 2019 – 2020ع جي ??اءِ داخلا ڏني هئي ۽ شڪايت ڪ??دڙ 01.09.2022 تي يونيورسٽي جو هڪ خط پيش ڪيو هو جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته شڪايت ڪ??دڙ جو بي اي جي ڊگري جي ??اءِ سيشن 2019 – 2020ع هو. جيئن ته شڪايت ڪ??دڙ کي يونيورسٽي پاران سيشن 2019 – 2020ع جي ??اءِ داخلا ڏني وئي هئي، ان جي ??اءِ شڪايت ڪ??دڙ جو ڪو قصور نه هو ۽ ان کي يونيورسٽي جي غلطي جو نقصان نه کڻڻ گهرجي. يونيورسٽي ان شاگردياڻي کي رجسٽريشن جي اجازت ڏئي ايڇ اي سي جي ??اليسي جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن چيو ته وفاقي محتسب صحيح مشاهدو ڪيو آهي ته هڪ ريگيوليٽر جي طور تي اها ايڇ اي سي جي ذميواري آهي ته اها اهو ڏسي ته ڇا ان جي ??يصلن تي يونيورسٽيون عملدرآمد ڪري رهيون آهن يا نه جيڪو ايڇ اي سي پاران پنهنجي ??انوني ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ناڪامي جي برابر آهي. صدر چيو ته ايڇ اي سي يا يونيورسٽي جي عدم فعاليت سان شاگردن کي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ايڇ اي سي يونيورسٽي جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران شڪايت ڪ??دڙ کي بنا ڪنهن غلطي جي غيرضروري آزمائش ۾ وجهي ??ڏي?? ۽ اها ان جي ڊگري جي تصدق نه ڪري رهي هئي. تنهن ڪري صدر ايڇ اي سي جي ??مائندگي کي ان مشآهدي سان گڏ رد ڪري ??ڏي?? ته ايڇ اي سي کي انهن يونيورسٽين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جي رهنما اصولن يا هدايتن تي عمل نه ڪري رهيون آهن ته جيئن مستقبل ۾ شاگردن کي ان جي عدم فعاليت جي ڪري نقصان نه کڻڻو پوي. صدر اها هدايت ايڇ اي سي پاران 7 ڏينهن جي اندر شاگرد جي بي اي جي ڊگري جي ??يسٽ ڪرڻ جي ??دايت جي ??فاقي محتسب جي ??يصلي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ??ڏي??.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران وفاقي محتسب پاران ايڇ اي سي کي ڊگري جي تصديق جو حڪم برقرار
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II