ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير عل?? مردان ??ان ڊومڪي سان ??عليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد عل?? سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ??لوچستان جي تعليمي ۽ فني تعليم جي مخصوص ادارن ۾ جاري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو نگران ??وبائي وزير امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير عل?? مردان ??ان ڊومڪي تعليم واري وفاقي وزير طرفان ??وبي ۾ جاري منصوبن کي ساراهيو، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان ??لوچستان ۾ جديد فني تعليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لاءِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج موجب تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ فني تربيت جي فراهمي لاءِ قائم ادارن کي فعال بڻايو پيو وڃي، نگران وڏي وزير چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب فني تعليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو ب??ائ?? انهن جي ساک بهتر ب??ائ?? وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير عل?? مردان ڊومڪي نگران وفاقي وزير کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان ??ميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي وزير مدد عل?? سنڌي ٻڌايو ته وفاقي ادارن جي انتظامي معاملن ۾ بلوچستان ??ميت سمورن صوبن جي نمائندي يقيني ب??ائ?? ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لاءِ بلوچستان لاءِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن اهي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چيو ته بلوچستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته بلوچستان ??ميت چئني صوبن جي نگران وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي تعليم ۽ فني تربيت بابت معاملن کي لاڀائتو ب??ائ??ندي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي تعليمي نظام کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا جتي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ان موقعي تي نگران وڏي وزير، نگران وفاقي وزير مدد عل?? سنڌي کي سوينئر پيش ڪيو جڏهن ته وفاقي وزير پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏي وزير کي پيش ڪيو.
بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي سان تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا