اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 جولاءِ تي زوب ڪينٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀ??تي?? سان ٽيليفون تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مصطفيٰ جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ گل حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀ??تي?? سان به ٽيليفون تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي. صدر سپاهي محمد يوسف، ??هيم ۽ مقصود جي وارثن سان به ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن جي لاءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن جي ب??ند درجن جي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
صدر پاران شهيدن ۽ سندن خاندانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش