مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي)سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) چئن عالمي خابر?? ايجنسين سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذريعي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023ع جي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪيون آهن. پاڪستان، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ مصر جي خابر?? ايجنسين سان شراڪتداري ذريعي ميڊيا تي پيغام پهچايا ويندا ۽ ميڊيا مواد ۾ نيون ٻوليون استعمال ڪيون وينديون.انڊونيشيا، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي خابر?? ايجنسين سان گڏوگڏ مڊل ايسٽ نيوز ايجنسي (ايم اي اين اي) سان شراڪتداري جو مقصد انهن جي سرڪاري ويب سائيٽن ۽ انهن جي ميڊيا نيٽ ورڪ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي اشاعت جي دائري کي وڌائڻ آهي، اها شراڪتداري ٻن مقدس مسجدن جي خدمت ۽ مقدس هنڌن تي رهائش ۽ چر پر جي حوالي سان خدمتن جي بهتري لاءِ سعودي مملڪت طرفان ڪيل ڪوششن تي به روشني وجهندي. ان شراڪت سان هر سال حج جي سڄي سيزن ۾ ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خبرن جي ڪوريج ۾ اضافو ٿيندو، ايس پي اي مڪي پاڪ ۽ ٻين مقدس هنڌن ۾ پنهنجي ميڊيا مرڪزن ذريعي پنهنجي عالمي شراڪتدارن کي ميڊيا خدمتون فراهم ڪندي. سعودي پريس ايجنسي پوري توانائي ۽ فني تيارين سان ڪوريج جي ڪوششن جي حمايت لاءِ هڪ گڏيل نيوز ايڊيٽنگ روم به قائم ڪيو آهي. اهي ڪوششون حج جي روحاني اجتماع کي اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامي ??وا??تن مطابق ميڊيا جي شاندار ڪم کي پيش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. عالمي خابر?? ايجنسين سان شراڪتداري سعودي قيادت طرفان حاجين لاءِ مختلف ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪندي فراهم ڪيل آسان طريقيڪار کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنل آهي. سعودي حڪومت هڪ مربوط نظام ۽ طريقيڪار مطابق حاجين کي سهولتون فراهم ڪندي آهي. اها شراڪت عالمي خابر?? ايجنسين کي ايس پي اي سان پنهنجي سهڪار ذريعي مواد ۽ پيغام جي حوالي سان هڪ نئون تجربو به فراهم ڪندي. ايس پي اي اهڙو قدم کڻڻ جي خواهشمند آهي جيڪو گڏيل ميڊيا ورڪ لاءِ هڪ معياري مرحلي جي نمائندگي ڪندو ??جي. نئين ٻولين ۾ شراڪتداري ذريعي ميڊيا پيغام ڀاشا، اردو، پشتو، سنڌي، بلوچي، ملائي، تامل ۽ هسپانوي ٻولين ۾ اماڻيا ويندا. جنهن سان ايس پي اي طرفان فراهم ڪيل خدمتن کي تقويت ملندي. جڏهن ته ايس پي اي ان کان عربي، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني ۽ فارسي ميڊيا مواد پيش ڪري رهي آهي.
سعودي پريس ايجنسيءَ چئن عالمي خابرو ايجنسين سان پنهنجي نوعيت جي پهرين شراڪتداري ذريعي ڪيترين ئي ٻولين ۾ هلندڙ سال حج سيزن 2023ع جي ڪوريج لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن