ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي، سچي دل سان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام ملي وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي صورتحال جي حوالي سان مسئلن جو ادراڪ آهي، جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ان وقت مهانگائي عروج تي هئي. ڪراچي ۾ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سيڙپڪار اصل ۾ دنيا ۾ پاڪستان جا سفير آهن جيڪي پاڪستان ۾ روزگار، پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ پنهنجو سرمايو لڳائين ٿا، پاڪستان جي ??اءِ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جون وڏيون خدمتون آهن جن کي اسان ساراهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت به مهانگائي هئي جڏهن ته عالمي ٻاڙائي ۽ پاڪستان ۾ غيرمستحڪم سياسي صورتحال مهانگائي جو وڏو سبب آهي، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت واعد?? ڪري ٽوڙي ڇڏيو جڏهن ته گذريل سال تاريخ جي ??وسمياتي تبديلين جي ڪري بدترين ٻوڏ آئي جنهن تباهي مچائي ڇڏي، انهن متاثرين جي بحالي لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، وفاق هڪ سئو ارب رپين جو حصو وڌو، صوبائي حڪومتن پڻ پنهنجي ??سيلن مان حصو وڌو، ان جا معيشت تي تباهي آڻيندڙ اثر پيا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن متاثرين جي بحالي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي، عالمي سطح تي تيل جي ??يمتن ۾ اضافي پڻ بري طرح متاثر ڪيو، پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو امپورٽ جو بل گذريل سال جو هو. وزيراعظم چيو ته ڪوويڊ دوران ايل اين جي جون قيمتون انتهائي گهٽ هيون جڏهن ته ان وقت معاهدو نه ڪيو ويو، ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، 3 ڊالر کان قيمت 30 ڊالر تائين پهچي وئي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پاران پروگرام جي ??اءِ سخت شرطون پيش ڪيون ويون ۽ ملڪي مفاد ۾ اهي مڃڻيون پيون، پاڪستان جا دوست ملڪ اڄ به پاڪستان جي ترقي لاءِ سٺا جذبا رکن ٿا، انهن بنا ڪنهن شرط جي ??دد ڪئ??، چين پنهنجا قرض ملتوي ڪري ڇڏيا، ڪمرشل قرضن کي پڻ چيني بئنڪن ملتوي ڪري ڇڏيو، اسان جي سچي دل سان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ٿي وڃي، چين سان دوستي جو مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته 1950ع، 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪاروباري طبقي پاڪستان جي ??اءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو جڏهن ته اڄ روانگي واپار بدران لينڊ ڊيولپمينٽ ۽ گهڻ منزلا عمارتن جي تعمير تي وسيلا لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته ڪاروباري طبقي کي هر هڪ سان ٺاهي رکڻي هوندي آهي ان تي ڪنهن کي اعتراض نه آهي پر گذريل هڪ سال ۾ معاشري جي ??ر طبقي ۾ ورڇ ٿي ان پاڪستان جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. هن چيو ته اسان جي ??وم باصلاحيت آهي ۽ پاڪستان جو خواب ڏسندڙن جو اهو خواب هو ته پاڪستان اسلامي دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪندو ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان ۾ اها صلاحيت آهي، هڪ سال ۾ جيڪا ذهنيت بڻي، 9 مئي تي ان ذهنيت اه?? ڪري ڏيکاريو جنهن جو دشمن به نه سوچي سگهندو هو، ماضي ۾ اهڙي قسم جي ??اقعن جا مثال نه ٿا ملن، سرحدن جي ??حافظن سان اهڙي قسم جو وحشياڻو عمل ۽ دهشتگردي ڪڏهن نه ڏٺي، 65ع ۾ ڀارت به اهو نه ڪري سگهيو، ڀارت جي ??ينڪن جي اڳيان ليٽي ملڪ جي سلامتي جي جنگ وڙهندڙن جي ??ادگارن جي بي حرمتي ڪئ?? وئي. هن چيو ته سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي طور تي تمام گهڻا چئلينجز آهن، مهانگائي جو ادراڪ آهي، اسان کي جيڪڏهن ملڪ جي حالت بدلائڻي آهي ته اڳ ۾ پنهنجي حالت بدلائڻي پوندي، اقتدار الله انهي لاءِ بخشيو آهي ته ٻين جي حالت بدلايو، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪريو، خوشحالي آڻيو، ان جي ??اءِ هر ڪو پنهنج?? ڪردار ادا ڪري، ايف بي آر پاران هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي تي افسوس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ماضي وانگر ٻيهر پنهنجو مقام ٺاهڻو آهي.
سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي، سچي دل سان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام ملي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل