ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ ذهني دٻاءُ ۽ بي چيني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏي ٿي، هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ 24 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آبادي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ جهڙا مشغلا اسان کي ذهني طور تي صحتمند بڻائڻ ۾ مدد ڏين ٿا ڇو ته اها نه رڳو اس??ن جي ڀرپاسي خوبصورتي کي وڌائي ٿي پر اها صحتمند آرامده به آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بلومز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته مون کي پاڪستان بلومز جي تقريب کي خطاب ڪري خوشي محسوس ٿي رهي اهي، اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته پاڪستان بلومز پاڪستان ۾ فلوري ڪلچر، هارٽيڪلچر ۽ باغباني ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان بلومز لاهور، پشاور، ڪراچي ۽ سوات ۾ گلن جي نمائش ۽ اهڙا پروگرامز ڪرايا، ان تي هو ساراهه جي مستحق آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان بلومز ملت??ن جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هتي گل لالا (ٽيولپس) پوکڻ ۽ هوم گرائون فلاورز کي پڻ پروموٽ ڪري رهيو آهي، اميد ڪريان ٿي ته ان سان اوليائن جي ??هر جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. خاتون اول چيو ته گل اس??ن جي زندگي ۾ خوبصورتي ۽ رنگ ڀرين ٿا ۽ اهي اس??ن جي شهرن جي گهٽين ۽ پارڪن کي خوبصورت بنائڻ جي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهن، فلوري ڪلچر ۽ فلورل آرٽ رڳو هڪ ڪارائتو مشغلو ئي نه پر اهو اس??ن جي ذهني صحت جي لاءِ پڻ تمام گهڻو فائديمند آهي. هن چيو ته باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ ذهني دٻاءُ ۽ بي چيني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏي ٿو، اسان سڀني کي نه رڳو پنهنجي ماحول کي صاف بڻائڻو پوندو پر اسان کي باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ جهڙن مشغلن کي پاڪستان ۾ فروغ ڏيڻو پوندو جنهن سان اس??ن جي ذهني صحت تي مثبت اثر پون. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته هڪ صحتمند ماحول جي لاءِ گل، سبزه ۽ ٻيلا ضروري آهن، موسمياتي تبديلين، آلودگي ۽ گلوبل وارمنگ جهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۽ پاڪست??ن جي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اسان کي فلورل آرٽس ۽ فلوري ڪل??ر کي فروغ ڏيڻو پوندو، ان سان نه رڳو اس??ن جي شهرن جي خوبصورتي ۽ رنگيني ۾ اضافو ٿيندو پر پاڪستان ۾ فضا جو معيار ۽ مجموعي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ثقافتي ورثي سان ڀرپور آهي ۽ پاڪ زمين ۾ ڪيترائي تاريخي باغ به آهن، گل اس??ن جي ثقافت جو هڪ لازمي حصو آهي، مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته پاڪستان بلومزاس??ن جي ان ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف قسم جا گل موجود آهن ۽ اسان سڀني کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ انهن جي حفاظت ڪئ?? وڃي ۽ انهن کي به گل پوکڻ ۽ انهن جي سارسنڀال ڪرڻ سيکاريو وڃي. هن چيو ته پاڪستان بلومز ملڪ ۾ فلوري ڪل??ر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، مون کي يقين آهي ته تمام جلد انهن جي محنت ۽ لڳن ملتان ۾ جڳهه جڳهه تي نظر ايندي ۽ اوليائن جي ??هر کي هڪ خوبصورت باغن ۽ رنگ برنگي گلن جو ??هر بڻائيندا، پاڪستان ۾ فلوري ڪل??ر کي فروغ ڏيڻ ۽ ملتان ??هر کي گلن سان ليس ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان بلومز جا دل سان ٿورا مڃان ٿي، پاڪستان بلومز جي ڪم سان ملتان ??هر جي رنگ، خوبصورتي ۽ رونق ۾ اضافو ٿيندو، درخواست ڪريان ٿي ته بلومز پنهنجي ڪم کي جاري رکي ته جيئن اسان سڀ هڪ صحتمند ۽ خوبصورت ماحول جي فائدن مان لطف اندوز ٿي سگهون.
باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ ذهني دٻاءُ ۽ بي چيني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏي ٿي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ