اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول مائنز کي ريلوي لائين سان ??نڍڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان ساليانو 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي پ??ڏي??ي ناڻي جي بچت ٿيندي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ٿر ڪول مائنز کي ريلوي لائينز سان ??نڍڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دست??ير?? خاص معاونين جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد علي شاهه وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول مائنز کي ريلوي لائين سان ??نڍڻ سان مقامي ڪوئلو ڄامشورو، پورٽ قاسم ۽ ملڪ جي ٻين پاور پلانٽس سان ??ڏوگڏ مقامي صنعت کي پڻ فراهم ڪيو ويندو، ان سان ??وئلي ۽ ٻارڻ جي درآمد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پ??ڏي??ي ن??ڻو بچائي سگهبو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ ۽ ان ??ي مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ٿرڪول مائنز کي ريلوي لائين سان ??نڍڻ جو منصوبو حصيداري سان ٺاهڻ جو ??صولي فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل چار سال ۾ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو، اسان ??ي پاڪستان اسپيڊ سان قومي اهميت جا منصوبا مڪمل ڪرڻا آهن، حڪومت ڏينهن رات محنت سان پاڪستان جي ترقي جيڪا 2018ع کان 2022ع تائين ڄاڻي واڻي روڪي وئي، کي بحال ڪري رهي آهي، اسان ??ذريل حڪومت جي دور ۾ منصوبن کي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو. هن چيو ته گذريل حڪومت نوان منصوبا شروع ڪرڻ ته پري جاري منصوبا روڪي ملڪ ۽ قوم جو پئسو برباد ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٿرڪول مائنز کي ريلوي لائين سان ??نڍڻ سان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي جو ??ستعمال ٿيندو، ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان 2 ارب ڊالر ساليانو کان وڌيڪ جو پ??ڏي??ي ن??ڻو بچائي سگهبو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ٿرڪول مائنز کي ريلوي لائين سان ڳنڍڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores