اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قد?? جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙو ملهائيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لا??ِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لا??ين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرآئيني قدمن جي مذمت جي لا??ِ استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ر??لين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوا?? جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لا??ِ سيمينارز ۽ بين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي ??ختيار ڪئي ويندي، ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لا??ِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي ??ي فوري پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيل??وي??ن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لا??ِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019ع جي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ اي 35 کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.
پاڪستان 5 آگسٽ تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهائيندو
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria