اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون ٻن ڏينهن وارو اجلاس اڄ اڱاري کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، ٻن ڏينهن واري اجلاس جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري“ آهي، اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪن جي پ??ڏي??ي وزيرن ۽ اعليٰ سطح جا وفد اجلاس ۾ شرڪت ڪندا جيڪي 23 مارچ جي يوم پاڪستان پريڊ ۾ اعزازي مهمان جي حيثيت سان به شرڪت ڪندا. چين جو پ??ڏي??ي وزير خصوصي طور تي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان اجلاس جي افتتاحي ويهڪ کي اهم خطاب ۽ پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندو، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سميت اهم اسلامي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفاقي گ??دي واري شهر اسلام آباد پهچي ويا آهن جتي انهن جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي وئي. او آءِ سي جي اجلاس ۾ واپاري ۽ اقتص??دي رابطا ايجنڊا جو اهم نقطو آهي،ا جلاس ۾ عالمي صورتحال ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن، گڏيل يڪجهتي، علائقائي امن ۽ ترقي تي غور ڪيو ويندو، ڪانفرنس ۾ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي غور سميت فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ پراڻي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويندو. اسلامو فوبيا جو مسئلو ۽ ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي به غور ڪيو ويندو، ڪانفرنس ۾ ڀارتي جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين جو جائزو ورتو ويندو. ان موقعي ??ي ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي رابطا گروپ جو وزارتي اجلاس به ٿيندو، سومر تي اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هون ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جي آمد جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو جتي هوائي اڏي تي انهن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو، او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن جي ٻن ڏينهن وارو اهو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن جي لاءِ شاندار اتنظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اجلاس جي موقعي ??ي پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي هم منصبن سان ملاقاتون به ڪندو، اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ ۽ او آءِ سي جي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي صلاحڪار محمد طاهر اشرفي ۽ پ??ڏي??ي وزارت جي عملدارن ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي، اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي پي) جي صدر محمد سلمان الج??سر او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ صبح اسلام آباد پهتو ته اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي محمد طاهر اشرفي سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ ڪيتريون ئي اهم قراردادون پيش ڪيون وينديون، اجلاس ۾ پ??ڏي??ي نائب وزير، مستقل نمائندا?? 15 ??بصر ملڪن جي نمائندن سميت 675 کان وڌيڪ مبصرين شرڪت ڪري رهيا آهن، اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ۽ اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويندو.
او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون ٻن ڏينهن وارو اجلاس اڄ اڱاري کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج