اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪش??ير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي، پاڪستان پاران پيش ڪيل ڊوزيئرز سان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿيو، ??ڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن پاڪستان جي موقف ۽ ڪش??يرين جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪئي، عالمي برادري ڀارت تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل قدمن واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ يوم يڪجهتي جي موقعي تي غير قا??وني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي تازي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته قوم 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪش??ير ملهائي رهي آهي، ايوان مان ڪش??يري ڀائرن کي يڪجهتي جو پيغام ويندو، پاڪستان ۽ ڪش??ير جو جسم ۽ جان، انسانيت، محبت ۽ ڀائيچاري جو رشتو آهي، ڪش??ير پاڪستان جي شه رڳ آهي، عالمي تڪرار جنهن جو حل ڪش??يري عوام جي خواهشن موجب خودمختياري واري حق کانسواءِ ناممڪن آهي،ڪشمير تي ڀارتي قبضي سان اڄ تائين ڀارتي ظلمن جاري آهن، 9 لک ڀارتي فوج موجود هجڻ جي ڪري ڪش??ير جيل بڻجي چڪو آهي، ڪش??يري نوجوانن، مائرن، ڀينرن قربانيون ڏئي آزادي جو علم بلند ڪري رکيو آهي، اها ڏاڍ ۽ واعدي خلافي جي ڊگهي تاريخ آهي، هن چيو ته ڀارتي آئين ۾ ڪش??يرين جي شناخت برقرار رکڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، ??شميرين کان راءِ شماري جو واعدو به ڪيو ويو هو، نريندر مودي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪش??ير ۾ نئين صورتحال پيدا ٿي، هن چيو ته 5 آگسٽ 370 ۽ 37 اي کي ڀارتي آئين مان حذف ڪيو وڃي ٿو، هندوتوا جي فلسفي تحت اسرائيلي طرز تي ڪش??ير ۾ هندوئن کي رهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، 4.2 ملين ماڻهن کي غير قا??وني ڊوميسائيل جاري ڪيا وڃن ٿا، ڪش??يرين تي اهڙو ظلم ڪيو ويندو آهي جنهن تي انسانيت شرمائجي ويندي آهي، ڪش??ير حريت اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو، سيد علي گيلاني جي مڙهه سان ڀارتي سلوڪ انسانيت جي منهن تي چماٽ آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ڪش??يرين سان يڪجهتي جو پيغام ڏنو، وزيراعظم ڪش??ير جو سفير بڻجي ڏيکاريو، هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪش??ير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ان تڪرار کي هر فورم تي اٿاريو، او آءِ سي جي خصوصي اجلاس ۾ به ڪش??ير مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو، پرڏيهي وزير ڪش??ير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ عالمي سطح کنيو، پاڪستان پاران پيش ڪيل ڊوزيئر سان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿيو، ??ارت تنهائي جو شڪار آهي، ڪش??ير مسئلو هن وقت عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن پاڪستان جي موقف ۽ ڪش??يرين جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪ??ي. ??ن چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ مشن والاريل ڪش??ير ۾ به وڃي، رسل ٽربيونل آن وار ڪرائم پنهنجي رپورٽ ۾ ڀارت کي نسل ڪش?? جو ذميدار قرار ڏنو آهي، ڀارتي اڳواڻ به مودي جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جو اعتراف ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪسمير مسئلي ۽ سرحدي تڪرارن سان پاڪستان ۽ چين جو تعلق آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سمجهڻ گهرجي ته ظلم جي رات ڊگهي ٿي سگهي ٿي پر آزادي جو سج ضرور اڀرندو، هن چيو ته ڀارت ظلمن جي ذريعي ڪش??يرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جا غير قا??وني قدمن واپس وٺي، دنيا والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي ظلم روڪڻ لاءِ قدم کڻي. جعلي ڊوميسائيل کي رد ڪيو وڇي، ڪش??يرين جي خودمختياري واري حق کي يقيني بڻايو وڃي، مودي کي جنگي ڏوهن تي قا??ون جي ڪٽهڙي ۾ آڻندو وڃي.
موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي: ڊاڪٽر شهزاد وسيم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ