اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت کي پائيدار بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت رنگ آڻي رهي آه??، گذريل 3 سالن ۾ جي ڊي پي ۾ 5.37 سيڪڙو واڌ حاصل ڪرڻ ڪامياب حڪمت عملي جو ثبو آه??. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت کي پائيدار بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت رنگ آڻي رهي آه??، ماضي ۾ حڪومتن جي ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس سان ملڪ ڊيفالٽ جي چائنٺ تي هو، هن چيو ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته پرڏيهي ناڻي جا ذخير اڌ هئا، ماضي جي حڪمت واڌ جي شرح کي وڌائڻ لاءِ 7 ارب ڊالرز جا قرض ورتا، مملڪتي وزير چيو ته اسان جي حڪومت مصنوعي ??ور تي واڌ جي شرح ۾ اضافو ناهي ڪيو، ??وو?? – 19 جي وبا جهڙي عالمي چئلينج سان ترقي يافته ملڪن جي معيشت بري طرح متاثر ٿي، گذريل ٽن سالن ۾ جي ڊي پي ۾ 5.37 سيڪڙو واڌ حاصل ڪرڻ ڪامياب حڪمت عملي جو ثبوت آه??، هن چيو ته اسان جي قدمن جي ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آئ?? آه??، گذريل حڪومت ۾ گردشي قرض 400 ارب کان وڌيڪ هئا، فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي اقتصادي سڌارن جو عالمي سطح تي اعتراف اسان جي ڪامياب حڪمت عملي تي ٺپو هڻڻ آه??. گذريل سال زراعت 3.48 سيڪڙو، صنعتون 7.79 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي 5.70 سيڪڙو جي واڌ ڏيکاري، ري بيسنگ ۽ معيشت ۾ تبديلي جي ڪري جي ڊي پي مارڪيٽ پرائس سال 2021ع ۾ 55.5 ٽريلين روپيا ٿي وئي، هن چيو ته مجموعي قومي آمدني 59.3 ٽريلين روپيا، في ڪس آمدني 1666 ڊالر ٿي وئي، پاڪستان جي معيشت جو ماپو 346.76 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، ??وو?? – 19 جي عالمگير وبا کانپوءِ سال 21-2020ع بحالي جو سال هو.
معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت کي پائيدار بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت رنگ آڻي رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی