اسلام آباد – 20 – آڪ??وب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته نيوبالاڪوٽ سٽي کي سياحتي مقام ط??ر ترقي وٺرائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊياونگ مان جاري بيان موجب نيوبالاڪوٽ سٽي کي سياحتي مرڪز جي ط??ر تي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ ل??ءِ جابلو علائقن ۾ نوان سياحتي ماڳ تعمير ڪري رهي آهي ان مقصد ل??ءِ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ مشهور نجي سيڙپڪارن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) موڊيز تي متوجهه ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ نجي سيڙپڪارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ سمورا ضروري قدم کڻن. هن ڪي پي ڪي حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو منصوبي کي ايرا کا?? وٺي هڪ سياحتي ماڳ ط??ر تي مڪمل ڪري، وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ ل??ءِ پوکي هيٺ زمين جي منصوبي ۾ شامل نه ڪيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نيوبالاڪوٽ سٽي کي ڊزائين- بلڊ- فنانس-آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (DBFOT) موڊ تي سياحتي مرڪز ط??ر ترقي ڏيڻ جي 19.5 بلين روپين جي منصوبي جي فزيبلٽي اسٽيڊي نيسپاڪ ۽ ڪي پي ايم جي مڪمل ڪري ورتي آهي. تجويز ڪيل پروجيڪٽ تحت ڪل 6753 مان 63 سيڪڙو رهائشي پلاٽ مقامي متاثرين کي الاٽمينٽ ل??ءِ مختص آهن جڏهن ته باقي 2480 رهائشي ۽ 575 ڪمرشل پلاٽس کا??سو??ءِ 800 اپارٽمينٽس نيلام ڪيا وڃن ته جئين ان منصوبي تي عملدرآمد ل??ءِ فنڊز حاصل ڪري سگهجن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بنيادي ط??ر تي نيو بالاڪوٽ سٽي جي ترقي وفاقي حڪومت بدران ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، ڪي پي ڪي حڪومت پهرين ئي ان مقصد جي ل??ءِ زمين حاصل ڪري چڪي آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ( پي پي پي) تحت مڪمل ڪيل ان منصوبي ۾ يوٿ هاسٽل، ٿيم پارڪ، ڪيمپنگ گرائونڊ ۽ ٿري اسٽار هوٽل شامل هوندا، اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو موجوده سياحتي ماڳن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو پر حڪومت سان گڏ متوقع آمدني ورهائڻ جي نتيجي ۾ 7 بلين روپين کا?? وڌيڪ رقم به ڪمائيندو.
نيوبالاڪوٽ سٽي کي سياحتي مقام طور ترقي وٺرائي وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر