دوشنبي – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سان گوادر کان ڪاشغر تائين علائقائي رابطن ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ??لن??ا، ان سان تاجڪستان ۽ بين وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رستي وسيلي رابطا پڻ فراهم ٿيندا، پاڪستان تاجڪستان سان سلامتي تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ دهشتگردي ج?? خاتمي، منشيات ج?? خاتمي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحدي ڪنٽرول ??ي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد نواز شريف تاجڪ قيادت سان نويڪلائي ۽ وفدن ??ي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو تاجڪستان ۾ سياسي استحڪام، سماجي هم آهنگي ۽ ان جي شاندار اقتصادي ترقي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان رستن، ريل ۽ هوائي رابطن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.
سي پيڪ سان علائقائي رابطن کي فروغ لاءِ نوان موقعا ملندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس