اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري پارلياماني سيڪريٽري محسن شاهنواز رانجها چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي خلاف ڪرپشن جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ميرٽ ۽ شفاف??ت کي ترجيح ڏني آهي ۽ ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي جي مخالفت ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو قوم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪندي آئي آهي، اسان پنهنجي حڪومت جي دور ۾ به عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن ته جيئن عوام جي زندگي جي معيار کي ??هتر بڻائي سگهجي، اسان پرعزم آهيون ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ به پنهنجي ڪارڪردگي سبب عوام آڏو سرخرو ٿي وينداسين ۽ ڪاميابي اسان جو مقدر بڻجندي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável