غزه-18 ڊسمبر (اي پي پي) غزه جي جباليه پناهگي?? ڪيمپ تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين ج?? انگ 90 ٿي ويو جڏهن ته 100 کان ??ڌيڪ زخمي ٿيا آهن. الجزيره جي رپورٽ مطابق جباليه ۽ نصرت پناهگي?? ڪيمپن تي اسرائيلي حملن ۾ وڏي پيماني تي فلسطينين ج?? مارجڻ جو اطلاع آهي. اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويل فلسطينين ج?? انگ 90 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 100 کان ??ڌيڪ زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ڪيترن ئي زخمين کي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته الجزيره مطابق اسرائيلي حملن ۾ غزه جي اسپتالن کي نشانو بنايو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڪيترائي فلسطيني مرد، عورتون ۽ ٻار اڃا تائين گُم آهن. فلسطيني خابرو اداري وفا جي رپورٽ ۾ غزه جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ??ُڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جباليه ۾ البرش ۽ـ الوان خاندانن ج?? ملڪيت، رهائشي علائقي تي شديد بمباري ڪري رهي آهي. امدادي ڪارڪن متاثر علائقن مان ??لبو هٽائڻ ۾ مصروف آهن. صحت جي عالم?? اداري الشفا اسپتال جي صورتحال کي مڪمل هيبتناڪ منظر ۽ ڪمال عدوان اسپتال جي تباهيءَ کي خوفناڪ قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان ??اڻي تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين ج?? انگ 19 هزار تائين پهچي ويو آهي.
جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 90 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن