انقره -17 اپريل (اي پي پي) ترڪي?? جي پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو چيو آهي، ته ترڪيھ هڪ خودمختيار ملڪ آهي، جيڪو ڪنهن جي نقش قدم تي ناهي هلندو. ترڪي?? جي خابرو اداري مطابق هن ضلع انتظاميه جي تعلقي دوشيم آلتي ۾ افطار پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان هڪ طاقتور حڪومت ۽ ملت آهيون. هن ڏکيائي مان به سرخرو ٿي نڪرنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جون ڪيتريون ئي جنگيون ترڪي?? جي ويجهن علائقن ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ترڪيھ ان??ن مسئل?? کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جنگين ۽ بح??انن جي اثر?? کي گهٽائڻ لاءِ ترڪيھ جو استحڪام انتهائي ضروري آ??ي. هن چيو ته هر شعبي ۾ پنهنجي ملڪ کي اڳيان رکنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي ڳالهين جي ميز پاڻ ترتيب ڏيندا آهيون ۽ پنهنجي مفادن جي ابتڙ ڳالهي?? کي ختم ڪرڻ جا قائل آهيون.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina