اسلام آبا?? – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ڏينهن جي دوري تي استنبول پهچي ويو آهي. استنبول جي ??ورنر علي يرلڪايا، اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير سائرس قاضي اتاترڪ ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو.
صدر جي آمد تي ترڪ هٿياربند فوج جي دستي پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. صدر ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪري رهيو آهي. پنهنجي قيام دوران ص??ر ترڪي جي صدر سان ملاقات ڪندو.
ٻئي صدر پاڪستان نيوي لاءِ ترڪي پاران تيار ڪيل پهرئين ملجم ڪلاس ڪوريٽ جو افتتاح به ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ صدر مشهور ترڪ واپارين سان ملاقاتون به ڪندو. پرڏيهي آفيس ??وجب ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳا??ا قائم آهن ۽ صدر جو ترڪي جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش