اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چ??ن جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ?? گڏيل تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چ??ن جي سفير وزيراعظم عمران خان کي چ??ن جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پاڪستا?? جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. وزيراعظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پيغام تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستا?? جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چ??ن جي مسلسل ح??ايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪس??ن جي فراهمي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ تبديلي جو منصوبو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو منصوبو بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستا?? جي حڪومت سي پيڪ منصوب?? جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪستا?? جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغانستا?? جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيراعظم پاڪستا?? جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو ا??غان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳاله??ن جي ڪوشش?? جي حمايت جاري رکندو.
وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی