ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ميوزيم کي جديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ جي لاءِ ان جي اپ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميوزيم ۾ تا??يخي دستاويزن کي محفوظ بڻائڻ جي ليبارٽري ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سينٽر پڻ قائم ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ميوزيم آف پاڪستان ڪراچي جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر کي عجائب گهر جي صورتحال ۽ مستقبل جي اپ گريڊيشن بابت ب??يف??گ ڏني وئي. صدر ق??مي عجائب گهر کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ان کي سياحن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان جي شاندار تا??يخ آهي، اهو سنڌ ۽ گنڌارا جهڙين دنيا جون عظيم تهذيبون رکندڙ آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته 1950ع ۾ ق??مي عجائب گهر قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي تا??يخ کان اڳ، هڙپه، گنڌارا ۽ ٻين تهذيبن سان واڳيل 97 هزار کان وڌيڪ تا??يخي دستاويزن کي محفوظ بڻايو ويو آهي ۽ انهن کي ميوزيم جي 10 وڏين گيلريز ۾ نمائش جي لاءِ رکيو ويو آهي.
نيشنل ميوزيم کي جديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ لاءِ ان جي اپ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن