اسلام آباد ?? پهرين جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابين?? ڪوهالا هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سميت ٽن منصوبن جي منظوري ڏني، وزيراعظم صوبائي فنانس ڪميشن کي فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان سان پوري صوبي ۾ منظم طريقي ۽ سياسي فرق کانسواءِ ڪم ٿيندا، جن پائليٽس جا لائيسنس مشڪوڪ هئا، انهن کي برطرف ڪيو ويو آهي، اسان جا پائليٽس جيڪي جهاز اڏائي رهيا آهن انهن جون ڊگريون سئو سيڪڙو ڪليئر آهن، جعلي ڊگريون رکندڙ پائليٽس جي ??لاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿيندي، مخالف ڌر کي خبر آهي ته جيڪڏهن عمران خان انهن جي ??ستي تان هٽي وڃي ته انهن جي ماضي جي ڪرپشن جو نه پڇيو ويندو، ماضي ۾ پي آءِ اي، اسٽيل ملز ۾ تمام گهڻيون سياسي ڀرتيون ڪيون ويون، پيپلزپارٽي ادارن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين نه ٿي رکي، مخالف ڌر عمران خان کي مافياز جي ??لاف ڪاررواين تي پنهنجو نشانو بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ تي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ آڊيٽر جنرل جي ??پورٽ تي بحث ٿيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پروسيجرل مسئلن ۽ قاعدن ۽ ضابطن جي ??نياد تي آڊٽ پيراز ٺهن ٿا، ماضي ۾ کربين رپين جا آڊٽ پيراز ٺهندا هئا پر اسان جي ??ڪومت جي ??ور ۾ ان ۾ 70 کان 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ادارن کي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪم ڪرڻ گهرجي.
وفاقي وزير شبلي فراز جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات