اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي دستيابي تي خاص نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دالين، چانور، گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ضرورت جي بنيادي شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا خوراڪ جي حوالي سان صورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائز?? وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران خا?? ڪرونا وائرس جي چئلينج جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ ک??يل قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توانائي ۽ خاص طور تي هن مشڪل صورتحال ۾ غر??ت جو شڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس