ميانوالي – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??لڪ جي ترقي ۾ ڪرپشن کي وڏي رڪاوٽ قرار ڏيندي چيو آه?? ته اڄ تائين ملڪ ۾ احتساب صرف ڪوٽار، ٿاڻيدار ۽ غريب شخص جو ٿيو آهي، پهريون ڀيرو طاقتور شخصيتن ۾ هٿ وڌو ويو آهي، ٻاهرين ملڪن کا?? سفارشون ڪرائڻ يا ڌمڪيون ڏيڻ باوجود احتساب جو عمل نه رڪجندو، حڪومت ۽ 22 ڪروڙ عوام ڪرپشن ڪندڙن کا?? جواب گهري رهي آهي، 22 سالن کا?? انتظار ڪري رهيو هئس ته الله تعاليٰ مون کي هڪ ڀيرو موقعو ڏ?? ته ملڪ کي قرضي ڪندڙ ۽ ڦريندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سگهان، گذريل 10 سالن ۾ رڪارڊ ٻاهريان ??رض وٺي ميٽرو سميت ٻيا خساري وارا منصوبا ٺاهيا ويا، هُو نمل انسٽيٽيوٽ ۾ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر