اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اورماڙه واقعي ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جا ٺڪاڻا ايران ۾ آهن، تصد??ق ٿيل ا??لا??ن کانپوءِ ايران سان معلومات جي مٽاسٽا ڪئي آهي، اسان وٽ ان واقعي جا مخصوص فرانزڪ ثبوت موجود آهي، بارڊر جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي لاءِ پاڪ ايران سرحد تي ڪن??يد??ر تار لڳائڻ، نئين ڏکڻ ڪمانڊ جوڙڻ، بارڊر سينٽرز ٺاهڻ ۽ سرحد جي نگراني جي لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪرڻ سميت ٻيا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس دوران اورماڙه حملي جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته حملي ۾ 14 پاڪستانين کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 پاڪستان نيوي، 3 پاڪ فضائيه ۽ هڪ پاڪستان ڪوسٽ گارڊ جو جوان هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں