اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ همدردي ۽ احسا?? تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اڄ جو پاڪستان هڪ نئون پاڪستان آهي جتي هر شهري بنا ڪنهن ف??ق جي ترقي ۽ خوشحالي سان همڪنار ٿي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري، پاڙيسري ملڪن سان برابري جي سطح تي دوستاڻن ۽ پرامن لاڳاپ?? جا خواهشمند آهيون، اسان جي امن جي خواهش کي هرگز ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان پنهنجي دفاع جي لاءِ هر قدم کڻڻ جو حق رکي ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، 23 مارچ تي اسان جي ملي تاريخ جو ا??و عظيم ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن علامه اقبال جي تصور موجب پنهنجي منزل جو تعين ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کڑک