اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راندين جي تنظيمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ راندين جي شعبي ۾ انتظامي سڌارن ??ي لاءِ سفارشون جوڙڻ جي سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، هن اهي حڪم هتي وزيراعظ?? آفيس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي هڪ بريفنگ جي صدارت ڪندي جاري ڪيا. بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ۽ ٻين سينئر اهلڪارن ??ه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سيڪريٽري جميل احمد وزيراعظم کي ??زارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن سميت پاڪستان اسپورٽ بورڊ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، انٽر بورڊ، ڪميٽي آف چيئرمين، پاڪستان وٽنري ميڊيڪل ڪائونسل، ني??نل اڪيڊمي آف پرفارمنس آرٽس ۽ ني??نل انٽرنشپ پروگرام جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي باري ۾ به بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ