چنگ ڊاو – 08 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چي?? جي چئن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو آهي، آمد تي چي?? جي نائب پرڏيهي و??ير ڪانگ شوانگ يو ۽ صوبي شان دائونگ جي وائس گورنر ايرونگ سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ۽ چي?? ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خالد به ان م??قع?? تي موجود هئا، چي??ي هٿياربند فوج جي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن کيس گلدستو به پيش ڪيو. صدر اڄ ڇنڇر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس 9 ۽ 10 جون تي چي?? جي ساحلي ۽ صنعتي شهر چنگ ڊائو ۾ ٿي رهي آهي، ايس سي او ۾ پاڪستان جي شموليت کانپوءِ هي پهرين سربراهه ڪانفرنس آهي، صدر کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت چي?? جي صدر شي جن پنگ ڏني هئي.
صدر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش