روم – 11 مارچ (اي پي پي) عيسائين جي روحاني پيشوا ۽ ويٽيڪن جي سربراهه پوپ فرانسس چيو آهي، ته ترڪيه جي ٽياڪڙي جي آڇ تي يوڪرين ڳالهين لاءِ سنجيد??ي جو مظاهرو ڪري. ترڪ خابرو اداري مطابق پوپ فرانسس سوئس ريڊيو ۽ ٽيليويزن کي انٽرويو ڏيندي چيو ته يوڪرين کي حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي پنهنجي ماڻهن جي تحفظ خاطر ڳالهين جي حوالي سان سنجيد??ي جو مظاهرو ڪرڻ ??هرجي. هن چيو ته عالمي طاقتن جي مدد سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ بهادري جي علامت آهي خاص طور تي جڏهن اوهان ڏسي رهيا آهيو ته معاملا اوهان جي خواهشن مطابق نه هلي رهيا آهن. گهٻرائڻ بدر??ن اوهان کي ڳالهين ڪرڻ جو حوصلو هئڻ گهرجي. پوپ فرانسس فوري ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته ٽياڪڙي لاءِ ڪنهن ملڪ کي تلاش ڪرڻ ضروري ناهي. هينئر ڪيترائي ملڪ آهن جيڪي يوڪرين جي جنگ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ ??هرن ٿا، ترڪيھ عمل شروع ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، ا?? کان پهرين ته معاملا اڃا وڌيڪ بگڙجن، ڌرين کي ڳالهين ۾ ڪرڻ ??هرجن.
ترڪيه جي ٽياڪڙي جي آڇ تي يوڪرين ڳالهين لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري: پوپ فرانسس
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná