گڏيل قومون-19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل فلسطين تڪرار تي جنگ ??ندي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ق??ار??اد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ق??ار??اد جنهن ۾ لکين فلسطيني شهرين کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو هو، 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ برازيل طرفان پيش ڪيل ق??ار??اد ۾ شهرين خلاف هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪئي وئي هئي، جنهن جي حمايت ۾ 12 ووٽ پيا جڏهن ته آمريڪا هن ق??ار??اد جي مخالفت ۾ ويٽو جو حق استعمال ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ووٽنگ کانپوءِ سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چيو ته پاڪستان فوري جنگ ??ندي جي حمايت ڪري ٿو، هي اجلاس چين، روس ۽ گڏيل عرب امارتن غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالهين لاءِ طلب ڪيو، پاڪستاني نمائندي ووٽنگ ??و حوالو ڏيندي چيو ته برازيل طرفان پيش ڪيل ق??ار??اد تي ووٽنگ ۾ بهتري جي ضرورت هئي پر سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل نمائندي طرفان ق??ار??اد ويٽو ٿيڻ سبب منظور نه ٿيڻ اسان جي لاءِ حيرانگي جو سبب آهي. هن چيو ته غزه جي شهرين تي مسلسل بمباري کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ تعاون ڪندڙ ملڪ ان جا ذميوار آهن. پاڪستان جي مستقل نمائندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سلامتي ڪائونسل هڪ ڏينهن اڳ روس طرفان پيش ڪيل ق??ار??اد ۽ اڄ برازيل جي ق??ار??اد ۾ روسي ترميم سبب جنگ ??ندي جي ق??ار??اد کي منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، هن چيو ته غزه تي اسرائيل طرفان مسلسل ۽ تباهي آڻيندڙ حملن کي 11 ڏينهن ٿي ويا آهن، پورو غزه فوجي گهيري ۾ آهي ۽ اتي بجلي، پاڻي ۽ انساني امداد جي فراهمي ڪٽي وئي آهي. غزه جي پوري آبادي جنهن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شهري شامل آهن کي انڌا ڌنڌ اسرائيلي حملن جي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي، هن چيو ته پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۽ فوجي گهيري شهرين جي شهادتن ۽ پهرين کان والاريل ۽ تباهه حال ماڻهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي شديد مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته جنگ ??ي قانونن ۽ عالمي انساني قانون، خاص طور تي جنيوا ڪنوينشنز جو سختي سان مشاهدو ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي گذريل ڏينهن غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيل طرفان ڪيل بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ سوين فلسطيني شهري شهيد ٿيا جن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن، هن چيو ته عالمي قانون تحت ڄاڻي واڻي ڪيل ظلم ۽ اسپتال تي حملو واضح طور تي جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف آهن. هن چيو ته ذميوارن کي عالمي تحقيقات ۽ احتسابي عمل ذريعي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. هن سلامتي ڪائونسل جي مفلوج هجڻ جي باوجود اميد ظاهر ڪئي ته جنرل اسيمبلي ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن جا ادارا تڪرار کي روڪڻ، غزه جي فلسطيني آبادي جي لڏپلاڻ روڪڻ، فلسطيني شهرين لاءِ خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ ل??ءِ انساني همدردي جي راهدارين کي کولڻ ل??ءِ قدم کڻندا. هن چيو ته حق خوداراديت ۽ قومي آزادي لاءِ غير ملڪي قبضي تحت ماڻهن جي جدوجهد عالمي قانونن تحت جائز آهي ۽ کين پنهنجي آزادي جي حاصلات لاءِ ان جدوجهد ۾ سمورا امڪاني وسيلا استعمال ڪرڻ جو حق آهي، هي ان جدوجهد کي دٻائڻ گهرن ٿا جيڪو غير قانوني آهي، گڏيل قومن جي چارٽر تحت رياستن کي پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت تي حملن خلاف پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، پاڪستاني نمائندي چيو ته اسرائيل فلسطين ڊگهي تڪرار تمام گهڻيون جانيون ورتيون آهن ۽ پوري خطي جي استحڪام کي مسلسل خطري ۾ وجهي رهيو آهي، هن چيو ته اسرائيل فلسطين تڪرار جو حتمي حل 1967ع کان پهرين جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل ، آزاد ۽ خودمختيار رياست فسلطيني رياست جي قيام ۾ لڪيل آهي جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي.
پاڪستان جو جنگ بندي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa