گڏيل قومون -10 آڪ??وبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه پٽي جي مڪمل گهيراءَ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته غزه ۾ انساني صورتحال اڳ ئي انتهائي سنگين هئي، جي??ا وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي. هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين کي ٻڌايو ت?? هو فلسطين جي عوام جي جائز شڪايتن ۽ اس??ائ??ل جي سيڪيورٽي خدشن کي تسليم ڪري ٿو پر پوءِ به دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ شهرين جي قتل ۽ اغوا جو جواز نه ٿو پيش ڪري سگجي. هن انهن حملن کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ پنهنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ت?? هو غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 500 کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمين جي خبر بابت انتهائي پريشان آهي. بدقسمتي سان اهو انگ وڌي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اس??ائ??ل جون ڪاروائيون جاري آهن. هن چيو ت?? هو اس??ائ??ل جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي تسليم ڪري ٿو پر اس??ائ??ل کي اهو به ياد ڏيارجي ٿو ته فوجي آپريشن دوران عالمي انساني قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
مڪمل گهيراءَ بعد غزه ۾ انساني صورتحال وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج