مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) لکين حج پانڌيئڙن عرفات جي ميدان ۾ حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه ادا ڪرڻ ۽ مزدلفه ۾ رات گذارڻ کانپوءِ منى پهچي جمرات ??ي رمي ڪري رهيا آهن. سعودي ??ابرو اداري موجب سعودي ??ج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه موجب هلندڙ سال 2023 (1444 هجري) ۾ 150 کان وڌيڪ ملڪن کان آيل حج پانڌيئڙن جو تع??اد 18 لک 45 هزار رهيو. ان کان اڳ حاجين مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٻڌو جنهن جو ترجمو اردو سميت 20 ٻولين ۾ نشر به ڪيو ويو. حاجي سڳورن عرفات جي ميدان ۾ ظهر ۽ عصر جي نماز هڪ اذان 2 اقامت سان قصر ادا ڪئي ۽ سج لٿي تائين وقوف ڪيو. سج لهندي ??ي حاجي سڳورن جا قافلا ميدان عرفان کان مزدلفه طرف روانا ٿيا. حاجي سڳورن مزدلفه ۾ جيڪو ٽيون حج جو مقام آهي، اتي پهچڻ تي مغرب ۽ عشا جي نماز هڪ اذان 2 اقامتن سان ادا ڪئي ۽ رمي لاءِ پٿ??يو?? گڏ ڪيون. واضح رهي ته جمرات ??ي رمي جنهن کي عام ٻولي ۾ شيطان کي پٿ??يو?? هڻڻ چيو ويندو آهي، حج جي اهم مناسڪ مان هڪ آهي. حاجي سڳورن جمرات ??ي رمي ڪرڻ کانپوءِ قرباني، حلق يا تقصير ( وار ڪٽرائڻ) کانپوءِ احرام کولي ڇڏيندا.
حاجي سڳورن جا قافلا جمرات جي رمي لاءِ مزدلفه کان منى پهچڻ لڳا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو