گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، م??صوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، م??شيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، م??اصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، پ??ڪس??ان ۾ چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پانگ چن زي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪيو. جن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو انهن ۾ چائنا ايڊ پاران پ??ڪس??ان ۾ گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ، جنگٽال گوادر پرائيويٽ لميٽيڊ، هينگ مي ليبري??ين??س پلانٽ، هين گينگ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ، هوافا گوادر ايڪسپو سينٽر، 3000 هائوس هولڊ سولر پينل گوادر فرٽيلائيزر پلانٽ شامل آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا