اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم، قيادت ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته تڪبير جو ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نٿو بڻائي سگهي، يوم تڪبير اعلان هو ته پاڪستان آزاد ٿيو، آزاد آهي ۽ آز??د رهندو. تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽو کان نواز شريف تائين سڀني اڳواڻن کي سل??م پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام جو بني??د رکيو جڏهن ته نواز شريف ان جي پڄاڻي ڪئي، نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي خريد نٿو ڪري سگهجي نه ئي ج??ڪا??ي سگهجي ٿو. هن چيو ته جوهري پروگرام جو تسلسل پاڪستان جي پنهنجي دفاع لاءِ ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جو تاريخي ثبوت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جوهري پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهن ۽ ا?? جو عمل مظاهرو ڪرڻ وارو هر ماڻهو قوم جو هيرو آهي جنهن کي سل??م پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تڪبير جي ڏهاڙي تي 10 ڏينهن تقريب?? جو اعلان ڪيو آهي، اتحاد جي جذبي سان اه?? خوشي ملهائينداسين، اطلاعات واري وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، هن چيو ته تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو ميثاق معيشت جو اعلان پاڪستان کي حقيقي معاشي آزادي ڏيارڻ طرف تاريخي قدم آهي، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ايٽمي پروگرام جي معمار ڊاڪٽر عبدالقدير خان مرحوم ۽ ان جي ٽيم ۽ سڀني سياستدانن کي سل??م پيش ڪريون ٿا.
مريم اورنگزيب پاران جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد پيش
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر