اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سلمان صوفي کي پرائم منسٽر ا??ٽر??ٽجڪ ??يفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سلمان صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سلمان صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ??يڪ??، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيترائي عوام دوست منصوبا متعارف ڪرايا آهن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڊي جي ا??ٽر??ٽجڪ ??يفارمز يونٽ مقرر هو، سلمان صوفي کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبا??يڊ?? به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تا??ين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.
وزيراعظم سلمان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی