اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، ڪو ادارو پارليامينٽ کان مٿانهون نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته آئين موجب چونڊون ٿين، سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي چونڊن جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه پوري اپوزيشن آئين شڪن آهي، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، ڪو ادارو پارليامينٽ کان مٿانهون نه آهي. هن چيو ??ه اڃا 20، 20 اوور جو مئچ ??اق?? آهي، اسان چاهيون ٿا ته آئين موجب چونڊون ٿين، سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ان ڏس ۾ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ??ه چونڊن جي لاءِ 5 مهينن کان وڌيڪ وقت گهريو پيو وڃي، ملڪ اهڙي طرح نه ٿو هلي سگهي، سياسي ع??م استحڪام جي ڪري معيشت به تباهه ٿي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ??ه اسان اليڪشن طرف هليا وڃون ته هي بحران ئي ختم ٿي وڃي. هن چيو ??ه اپوزيشن جي دوستن سان به اڄ ڳالهه ٿي آهي، هر هڪ ذهني طور تي اليڪشن طرف وڃڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ??ه فوج ۽ عدليه جو ڪم نه آهي ته اه?? هر وقت سياستدانن جا مسئلا حل ڪندا وتن، سياستدانن کي پنهنجي پيرن کان ا??تي وڌي سوچڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه سياستدان پاڻ ۾ گڏجي ويهن ۽ شفاف چونڊن جو فريم ورڪ طئي ڪن، هي سڄو ڊرامو ختم ٿي ويندو. هن چيو ??ه اپوزيشن ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ منڊي لڳائي رکي آهي، اهڙي طرح خچرن جو بازار لڳائي ڪرائيسز ختم ناهن ٿيندا. مارشل لاء جي حوالي سان صحافي سوال ڪيو ??ه ملڪ ۾ مارشل لاء لڳي ويو ??ه ان جو ذميوار ڪير هوندو جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه مارشل لاء لڳڻ جا ذميوار بي ضمير ماڻهو هوندا.
پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، ڪو ادارو پارليامينٽ کان مٿانهون نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته آئين موجب چونڊون ٿين: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔