اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته وزيرا??ظم عمران خان مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي، وزيرا??ظم جي فيصلن جو محور ۽ مرڪز عوام کي ريليف ۽ سهولتون ڏيڻ آهي. فرخ حبيب هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪرپٽ ٽولي جون نظرون ملڪي خزاني مان ڦريل دولت کي بچائڻ تي آهن، 2018ع کان اڄ تائين مخالف ڌر ٽائيم پاس کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو. دن??ا ۾ سئو سالن جو سڀ کان وڏو ڪورونا بحران هجي يا 50 سالن ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون بلند ترين سطح تي هجن، وزيرا??ظم عمران خا?? سدائين عوام جي لاءِ ”مردِ بحران“ بڻجي سامهون اچي ٿو. دن??ا ۾ تيل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي باوجود وزيرا??ظم عمران خان پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی