ڪراچي – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪيتري پاڻي ۾ آهن اهو ڪراچي وارا بهتر ڄاڻين ٿا، نوجوان نسل کي شدت پسندي کان پري رکڻ جي لاءِ مثبت سرگرميون فراهم ڪرڻيون پونديون، اسان جي خواهش آهي ته نوان ليکڪ ۽ شاعر اڀري سامهون اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 14 هين عالمي ار??و ڪانفرنس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اردو دنيا جي ڳالهائي ويندڙ ڪجهه وڏين زبانن مان آهي، جيترو لٽريچر ۽ شاعري اردو زب??ن ۾ آهي ان جو ڪو مقابلو نه آهي. هن چيو ته 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ قائداعظم جي پيدائش جو ڏهاڙو ۽ ڪرسمس جي تقريب گڏ ملهايا ويندا. چوڌري فواد حسين چيو ته نوجوان نسل کي شدت پسندي کان پري رکڻ جي لاءِ مثبت سرگرميون فراهم ڪرڻيون پونديون، اسلام آباد ۾ اسپورٽس ميلي ۽ آرٽس ڪائونسل پاران ڪراچي ۾ ار??و ڪانفرنس مثبت قدم آهي، اسان جي خواهش آهي ته نوان ليکڪ ۽ نوان شاعر اڀري سامهون اچن، اسان جي يونيورسٽين ۾ اهڙا نوجوان موجود آهن جيڪي شاعر ۽ ليکڪ به آهن، اسان کي انهن نوجوانن کي پروموٽ ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي فلم انڊسٽري کي پڻ مضبوط ڪري رهيا آهيون، پي ٽي وي فلم ٺاهي ڇڏ??و آهي، جديد فلمسازي جي لاءِ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي. ان کانسواءِ ٽيپو سلطان ۽ ظهيرالدين بابر تي مهانگيون فلمون ٺاهيون پيون وڃن. چوڌري فواد حسين چيو ته اهو ڪم 20 سال اڳ ٿيڻ گهرجي ها، ??دقسمتي سان ماضي ۾ ان طرف ڪنهن ڪو ڌيان نه ڏنو، هڪ طرف اسان بيروزگاري جو چئون ٿا پر ٻئي طرف اسان کي هنرمند افرادي قوت دستياب ناهي هوندي. هن چيو ته اسان جي ميڊيا تمام وڏي آهي، ان شعبي ۾ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي کوٽ آهي، اسان کي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ عالمي حصيداري جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا، ??سان منصوبن کي عملي شڪل ڏئي رهيا آهيون، جهلم ۾ 1898?? جو جلال پور ڪينال منصوبو هاڻي وڃي ٺه??و آهي، منصوبا رڳو چوڻ سان ناهن ٺهندا، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪيتري پاڻي ۾ آهن اهو ڪراچي وارا بهتر ڄاڻين ٿا.
گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی