اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قو??ن جي ادارن ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ گڏيل عا??مي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. عا??مي ادارن ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم ۽ قد??ن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان ??ان ملڪ ۾ قدرتي ماحول ۽ آ??گاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ماحوليات ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي ??ان ڪم ڪندڙ گڏيل قو??ن جي ادارن جي عهديدارن پاڪستان جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عا??مي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ۾ پنهنجي پيغامن ۾ چئي. ماحوليات جي علامي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا جي پهرين سيشن جي صدارت ماحوليات واري مملڪتي وزير ملڪ امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري ناهيد ايس دراني چيو ته ا??ان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ماحوليات جي عا??مي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي ??ان پاڪستان جي ڪوششن ۽ قد??ن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن مان ماحوليات جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي باوجود وزيراعظم عمران خان سرسبز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪريٽري چيو ته پاڪستان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ روزگار، آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت ملڪي آبادي کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو آهي، گڏيل قو??ن جي اداري يو اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ابراهيم ميگا گالا ۾ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.
ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن پاران ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے