اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي سر??لنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي سر??لنڪا روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم جو سر??لنڪا جو اهو دورو ٻن ڏينهن جو هوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو سر??لنڪا جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم دوري دوران سر??لنڪا جي صدر ۽ پنهنجي هم منصب سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته دوري دوران اعليٰ سطح جي ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري، صحت، تعليم، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ??اد??اشتن تي صحيحون به ٿينديون. وزيراعظم جوائنٽ ٽريڊ اينڊ انوي??ٽم??نٽ ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو. پاڪستان ۽ سر??لنڪا جي وچ ۾ 1948ع کان د??ست?? جو مضبوط تعلق قائم آهي. وزيراعظم عمران خان جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا روانو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج