اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا احتساب جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 30 نيون خصوصي احتساب عدالتون قائم ڪرڻ، افغانستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ ۾ ٽن مهينن جي لاءِ واڌ، ٽي لک ٽن ڪڻڪ ۽ 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي حوالي سان پيپرا قانونن ۾ ڇوٽ ڏيڻ ۽ مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ پي پيز سان ٿيندڙ حڪومتي ڳالهين جي نتيجي ۾ ايندڙ 20 سالن ۾ ملڪ کي 800 ارب رپين جو فائدو ٿيندو ۽ بجل?? جي قيمت گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪابينا سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچ?? جي عوام کي 6 سال پراڻي ڪڻڪ جي فراهمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، حڪومت سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري، هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع، بل اسيمبلي ۾ پيش ۽ آرڊيننس جاري ??يو آهي، سپريم ڪورٽ حقيقت ڏسند?? جيڪو به فيصلو ڪندي اسان کي قبول هوندو، وزيراعظم 60 کان وڌيڪ ادارن ۾ سربراهن جي مقرري لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي، ايندڙ اجلاس ۾ هيستائين مقرري نه ڪرڻ تي جواب به طلب ??يو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا ان رپورٽ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ??يو جنهن موجب سنڌ حڪومت پاران 32000 ٽن ڪڻڪ جيڪا 6 سال پراڻي ۽ انساني استعمال جي لاءِ مضر هئي صوب?? جي مختلف علائقن جي لاءِ رليز ڪئي پئي وڃي. وفاقي ڪابينا نوٽ ??يو ته سنڌ پاران عوامي ضرورتن جي وقت ڪڻڪ ريليز نه ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت کان ڪڻڪ ۽ کن?? جي موجود اسٽاڪس بابت معلومات وقت سر شيئر نه ڪرڻ سان جتي انهن جنسن جي قيمتن ۾ مصنوعي اضافو ڏسڻ ۾ آيو، ذخيره اندوز?? جي شڪايت سامهون آئي اتي ڪڻڪ جو هڪ وڏو مقدار جيڪو انساني استعمال لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ها ??اي?? ٿيو آهي ۽ عام ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار ٿيو. ڪابينا کي شگر انڪوائري ڪميٽ?? جي رپورٽ جي نتيجي ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ??يو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته شگر انڪوائري ڪميٽ?? جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ اڪثر شگر ملز پاران عدالت سان رجوع ??يو ويو هو. ان حوالي سان عدالتي فيصلن کانپوءِ ڪارروائي جاري آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيب پاران سبسڊ?? جي معاملي تي جاچ به جاري آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ماٿر نياز رانا کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني پئي وڃي. ڪابينا ٽيڪس قانون (ترميم) آرڊيننس 2021?? جي منظوري ڏني. انهن ترميمن جو مقصد ڊيجيٽل روشن پاڪستان منصوبي ۾ سهولتڪاري آهي.
وفاقي وزير شبلي فراز ۽ اسد عمر پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل